ڪراچي (رپورٽر)ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ بعد شهر جي روڊن تي نظم ضبط ۾ نمايان بهتري آئي آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پير محمد شاهه چيو ته اي چالان لاڳو ٿيڻ کان پوءِ گهڻا ماڻهو هاڻ هيئلمٽ پائين ٿا، اسٽاپ لائين تي پاڻمرادو رڪجن ٿا ۽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊرائيور سيٽ بيلٽ استعمال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سگنل ٽوڙڻ جو سلسلو تقريبن ختم ٿي ويو آهي، ڪجهه مسئلا اڃا به موجود آهن، پر اهو هڪ نئون نظام آهي جيڪو وقت سان وڌيڪ بهتر ٿيندو، نظام جي ڪارڪردگي بابت سوال تي پير محمد شاهه ٻڌايو ته اي چالان خودڪار طريقي سان تيار ٿين ٿا ۽ اڃا تائين 10 هزار چالانن مان صرف 2 يا 3 ۾ معمولي غلطيون مليون آهن، چالان پرنٽ ٿيڻ کان اڳ ٽريفڪ اهلڪار تصديق ڪن ٿا ته ڪئمرا نمبر پليٽ مان صحيح انگ سڃاتو آهي يا نه، جيئن ڪو هڪ کي “7” سان نه مٽايو ويو هجي، تصديق بعد ئي ٽڪيٽ جاري ڪئي ويندي آهي.