مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي( پ پ پ ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، ڪشمير جي عوام کي مايوس نه ڪنداسين.
مظفر آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته ٽن نسلن کان ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون، فخر آهي ته پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ ڪشميرين جي جدوجهد کي اڳتي وڌايو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ اسان جي ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو، پوءِ به پوئتي نه هٽياسين ۽ هر هنڌ تي عوام جي نمائندگي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هاڻي اسان ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون، هن اسيمبلي جو جيڪو وقت باقي آهي، اهو پيپلزپارٽي لاءِ هڪ امتحان هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪوشش ۽ ڪارڪردگي عوام جي اڳيان آهي، اسان جا اميدوار پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ حالتن جو مقابلو ڪيو، هڪ غيرسياسي سوچ سبب آزاد ڪشمير ۾ سياسي خال پيدا ٿيو، پر پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي عوام کي مايوس نه ڪندي.
آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، ڪشمير ين کي مايوس نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو
Next Post
You might also like