ليجنڊري ڌرميندر هلندڙ هفتي ٻيو ڀيرو اسپتال ڀيڙو، مداحن ۾ ڳڻتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سندس مداح پريشان ٿي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، 89 ورهين جي ڌرميندر کي جمعي ڏينهن ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
ڌرميندر جي اسپتال ۾ داخلا جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ لکين مداحن سندس صحتيابي لاءِ دعائون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڳڻتي جوڳي ڪا ڳالهه ناهي، ليجنڊري اداڪار ٺيڪ آهي ۽ کيس رڳوف معمول جي طبي معائني لاءِ اسپتال آندو ويو آهي.
ٻئي پاسي ڌرميندر جي پٽن سني ديول يا بوبي ديول طرفان پيءُ جي صحت بابت اڃا تائين ڪو باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪار کي هلندڙ ھفتي جي شروعات ۾ اسپتال آندو ويو هو، جتي سندن ڪجهه طبي ٽيسٽون ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.