ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جديد فيس ليس اي ٽڪٽنگ نظام ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي گاڏي کي به چالان ٽڪٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڊرائيور طرفان سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 10 هزار رپين جو چالان ڪاٽيو ويو.
ڪراچي ۾ تازو لاڳو ٿيندڙ جديد فيس ليس اي ٽڪٽنگ نظام ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جي گاڏي جو به چالان ٽڪٽ جاري ڪري ڇڏيو.
گاڏي جو چالان لياري ايڪسپريس وي کان گارڊن انٽڙچينج لهندي ٿيو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي گاڏي سندس ڊرائيور هلائي رهيو هو، جڏهن ته گاڏي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سوار نه هو، سندس اسڪواڊ کيس گارڊن هيڊ ڪوارٽر وٺڻ وڃي رهيو هو.
ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي ۽ ڀڃڪڙي تي بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
ان حوالي سان پير محمد شاهه چيو ته منهنجي گاڏي جو چالان ٿيو آهي، گاڏي ڊرائيور ڪاهي ويو هو، سيلٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي چالان جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like