هٿياربندن جي ڪڇي جي علائقي ڀاگ ناڙي تي ڪاهه، سرڪاري عمارتن ۽ ٿاڻن تي حملو، ايس ايڇ او مارجي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سرڪاري عمارتن ۽ ٿاڻن تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس آفيسر مارجي ويو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ حملي آور به ماريو ويو.
پوليس اختيارين موجب ڪوئيٽا کان اٽڪل 230 ڪلو ميٽر پري ضلعي جي علائقي ڀاگ ناڙي ۾ سومر جي شام ڪيترائي ماڻهو داخل ٿيا ۽ هڪ ئي وقت نيشنل بينڪ، تعلقي آفيس، پوليس ۽ ليويز ٿاڻن تي حملو ڪري ڏنو.
ايس ايس پي ڪڇي معاذ الرحمان موجب هٿياربندن بينڪ ڦرڻ ۽ ٿاڻن کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس اهلڪارن وقت سر جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور مارجي ويو.
هن ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايس ايڇ او انسپيڪٽر لطف علي کوسا شهيد، جڏهن ته هڪ ڪانسٽيبل زخمي ٿي پيو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪيترائي هٿياربند موٽر سائيڪلن ۽ هڪ گاڏي تي سوار ٿي آيا ۽ هنن پوليس ۽ ليويز ٿاڻن، تعلقي آفيس تي به حملو ڪيو ۽ ان کي نقصان پهچايو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ٻين علائقن مان پوليس جي وڏي نفري، سي ٽي ڊي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڀاگ ناڙي پهتا ۽ علائقي جو گهيرو ڪري ورتو پر ان کان اڳ ئي حملي آور علائقو ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، جن جي ڳولاءِ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.