ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ اسڪول وين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 6 شاگردن ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيو.
ناظم آباد ۾ قبا مسجد وٽ اسڪول وين ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو، حادثي ۾ 6 شاگرد ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جن کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو.
اسپتال ذريعن موجب وين ۾ باهه لڳڻ جو واقعو شارٽ سرڪٽ سبب پيش آيو، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
You might also like