برابري جي سطح تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسان آمريڪا سان برابري جي سطح تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته اسان سفارتڪاري کان ڪڏهن انڪار ناهي ڪيو، ڳالهين ذريعي آمريڪا کي مناسب حل ڏئي سگهون ٿا.
هن چيو اسان چاهيون ٿا ته ڳالهيون گڏيل احترام سان ڪيون وڃن، ڪو ملڪ گهٽ يا وڌيڪ اهميت تي شامل نه هجي، اسان ايراني قوم جي بنيادي حقن تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪنداسين ۽ نه ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.