بلوچستان قدرتي وسيلن سان نوازيل پر افسوس ته اها دولت اڃا تائين زمين ۾ دفن آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 2018 ۾ دهشتگردي کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو هو پر بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪَر کڻي رهي آهي.
بلوچستان ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي تاريخ، ثقافت ۽ روايتون ان کي منفرد بڻائين ٿيون، الله بلوچستان کي بي شمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي پر افسوس ته بلوچستان جي دولت اڃا به زمين جي اندر دفن آهي.
هن چيو ته بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ خود احتسابي جو لمحو آهي، بلوچستان جو عوام وڏي دل وارو ۽ مهمان نواز رهيو آهي، صوبي جي جاگرافيائي بيهڪ ترقي جي سفر ۾ چيلينج بڻجي وئي آهي، ڏورانهن آبادين تائين بجلي ۽ روڊن جي فراهمي وڏو مسئلو آهي، مضبوط روڊن جي نيٽ ورڪ بنا تعليم ۽ صنعت جي ترقي ممڪن ناهي، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي مجموعي خوشحالي سان جڙيل آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبن ۾ اتفاق راءِ پاڪستان جي مضبوطي جو بنياد آهي، اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان اڳ ۾ پاڪستاني ۽ پوءِ ٻين صوبن جا آهيون.
وزيراعظم چيو ته بلوچ اسان جا ڀائر آهن، کين ترقي ۾ برابر شريڪ ڪرڻو پوندو، اتحاد، محبت ۽ عزم سان بلوچستان کان پشاور تائين امن ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.