ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ثانيا سعيد، ساٿي اداڪارا صائمه قريشي جي عورت جي ڪمائي ۾ برڪت ناهي هوندي واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مردن جا پئسا به اُڏامي وڃن ٿا، انهن جي ڪمائي ۾ به برڪت ناهي هوندي.
صائمه قريشي، سيپٽمبر 2025ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو بيان ڏنو هو ته عورت جي ڪمائي ۾ برڪت ناهي هوندي، ڪمائڻ عورت جو ڪم نه آهي.
هاڻي ثانيا سعيد، صائمه قريشي جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ”سندس نظر ۾ ته صائمه قريشي جي ڪمائيءَ ۾ برڪت آهي، خبر ناهي ڇو کيس پنهنجن پئسن ۾ برڪت نظر نٿي اچي؟“
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ثانيا سعيد چيو ته پهرين ته صائمه قريشي کان پڇڻ گهرجي ته هوءَ ”برڪت“ کي ڪهڙي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿي ۽ سندس نظر ۾ ”برڪت“ آخر آهي ڇا؟
اداڪاره موجب، اهو چوڻ غلط آهي ته عورت جي ڪمائي ۾ برڪت ناهي، ڇو ته صائمه قريشي پاڻ ڪامياب آهي، سندس ڪاروبار سٺو هلي رهيو آهي، ٻارن جي پرورش بهتر نموني ڪئي اٿس، صحت به ٺيڪ آهي ۽ هوءَ جڏهن چاهي، پنهنجن پئسن سان پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪري سگهي ٿي، اها ئي ته وڏي برڪت آهي.
ثانيا سعيد، صائمه قريشي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”هوءَ بهترين ماءُ آهي، سٺي عورت آهي، شايد سندس بيان جو مطلب ڪجهه ٻيو هو، ممڪن آهي ته هوءَ عورت جي زندگيءَ ۾ مرد جي حقيقي ساٿ کي برڪت سان جوڙي ٿي.“
سندس چوڻ هو ته ”ها، عورت کي به مرد جو حقيقي ساٿ گهربل هوندو آهي، شايد صائمه کي اهو ساٿ نه ملڻ ڪري لڳندو هجي ته سندس پئسن ۾ برڪت ناهي.“
اداڪاره وڌيڪ چيو ته ”مردن جو پئسو به اڏامي وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو مرد اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪري ۽ نقصان ٿي وڃي ته ڇا اها به برڪت هوندي؟ مردن جي ڪمائي به بنا برڪت جي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اهي گهڻو خرچ ڪن ٿا، نقصان به انهن جا ٿين ٿا.“
ثانيا سعيد جو چوڻ هو ته عورت جي ڪمائيءَ ۾ برڪت ناهي واري ڳالهه رڳو اها عورت ڪري سگهي ٿي جنهن جا پئسا سندس مڙس کائي وڃي ۽ حقيقت ۾ ڪيترائي مرد اهڙا آهن جيڪي پنهنجي زالن جي ڪمائي به کائن ٿا، مٿن تشدد به ڪن ٿا.
اداڪارا چيو ته ”سماجي ۽ تاريخي لحاظ سان ڏٺو وڃي ته پئسا ڪمائڻ، رکڻ ۽ سنڀالڻ هميشه مرد جو ڪم رهيو آهي، تنهنڪري ڪيترين ئي عورتن کي اهو احساس هوندو آهي ته سندن ڪمائي ۾ برڪت ناهي.“
آخر ۾ ثانيا سعيد چيو ته سندس خيال ۾ صائمه قريشي جي ڪمائيءَ ۾ برڪت آهي، جيئن سندس پنهنجي ڪمائي ۾ به آهي، هوءَ ڪنهن مرد تي نٿي ڀاڙي ، سندس پنهنجا پئسا آهن ۽ هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري ٿي.
عورتن جي ڪمائيءَ ۾ برڪت ناهي واري ڳالهه اُها عورت ڪري سگهي ٿي جنهن جا پئسا مڙس کائي وڃي: ثانيا سعيد
You might also like