واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته اولهه ڪناري جي علائقن کي ضم ڪرڻ جي صورت ۾ ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر واضح طور تي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل اولهه ڪناري کي ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي آمريڪا جي حمايت کان محروم ڪرڻو پوندو.
ٽائم ميگزين کي 15 آڪٽوبر تي ڏنل هڪ انٽرويو ۾، جيڪو اڄ ضايع ٿيو، صدر ٽرمپ کان سرائيلي حڪومت جي انهن اڳواڻن بابت سوال ڪيو ويو، جيڪي اولهه ڪناري جي مڪمل يا جزوي انضمام جا حامي آهن.
ان تي ٽرمپ واضح لفظن ۾ چيو ته ائين نه ٿيندو، ڇو ته مان عرب ملڪن سان واعدو ڪيو آهي، اسان عرب ملڪن کان وڏي حمايت حاصل ڪئي آهي ۽ هن وقت اهڙو قدم ممڪن ناهي.
انٽرويو ۾ آمريڪي صدر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل اولهه ڪناري کي ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو آمريڪا جي حمايت وڃائي ويهندو.
هوڏانهن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به چيو آهي ته صدر ٽرمپ جي پاليسي اها ئي رهندي ته اسرائيل اولهه ڪناري کي ضم نه ڪندو، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو خبردار ڪيو ته اسرائيل طرفان والاريل اولهه ڪناري جي انضمام ڏانهن اڳڀرائي غزا ۾ آمريڪي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ نازڪ جنگبندي کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، انضمام جون ڪوششون امن معاهدي لاءِ خطرناڪ آهن.
You might also like