”اَي سي سي ٽرافي نه ڏني ته معاملو آءِ سي سي ۾ اُٿارينداسين“، بي سي سي آءِ جي خط تي نقوي جو سخت جواب

نئين دهلي/لاهور(ويب ديسڪ) ايشيا ڪپ ٽرافي واري معاملي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽرافي نه ڏني تي معاملو آءِ سي سي ۾ اُٿاريو ويندو.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا جو چوڻ آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي خط لکي چڪا آهيون ته ٽرافي موڪليو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته معاملو آءِ سي سي ۾ کڻنداسين، سريلنڪا ۽ افغانستان جي حمايت به حاصل آهي.
واضح رهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارت کي 10 نومبر تي تقريب ۾ ٽرافي وصول ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ قانوني صلاح به حاصل ڪري ورتي آهي ته جيئن ڀارتي بورڊ جي ڪنهن به امڪاني ايڊوينچر جو سخت جواب ڏئي سگهجي.
ديوجيت سائڪيا جو چوڻ آهي ته اي سي سي صدر محسن نقوي کي آفيشل اي ميل موڪلي آهي ۽ هاڻي جواب جو اوسيئڙو آهي.
ٻئي پاسي محسن نقوي بي سي سي آءِ ڏانهن تفصيلي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي ڪاميابي جو اعتراف ڪندي سياسي معاملن تي اي سي سي جي غير جانبداراڻي موقف تي زور ڏنو ويو .
محسن نقوي خط ۾ لکيو ته ”توهان جو خط سالياني جنرل ميٽنگ کان اڳ مليو هو، ان معاملي تي اجلاس ۾ تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي، پر جيئن ته توهان اِهو خط اي سي سي جي ميمبرن ڏانهن به موڪلي ڇڏيو آهي، تنهنڪري رڪارڊ درست ڪرڻ ضروري هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.