اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس جي ايس پي مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب ايس پي عديل اڪبر گن مين کان بندوق کسي پاڻ کي گولي هئي، کيس زخمي حالت ۾ پمز اسپتال نيو ويو پر هو نه بچي سگهيو.
عديل اڪبر اسلام آباد پوليس ۾ ايس پي انڊسٽريل ايريا طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، هو واقعي کان ڪجهه دير اڳ ئي حاجي ڪيمپ ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو هو.
You might also like