ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پاڪ-ڀارت دنگل جي تاريخ سامهون اچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽاڪري جي امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي، روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اٺ فيبروري تي ڪولمبو ۾ دنگل ٿيندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جا مقابلا ست فيبروري کان اٺ مارچ تائين جاري رهندا، جنهن جي ميزباني ڀارت ۽ سريلنڪا گڏيل طور تي ڪندا.
ميگا ايونٽ جون ميچون ڀارت ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ۽ سريلنڪا لاءِ ٻن وينيوز تي کيڏيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فائنل ميچ احمدآباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان فائنل ۾ پهتو ته ٽورنامينٽ جو آخري دنگل ڪولمبو ۾ ٿيندو.
واضح رهي ته ورلڊڪپ 2026 ۾ مجموعي طور تي 20 ٽيمون شامل آهن، جن جي لائين اپ مڪمل ٿي وئي آهي.
ٻن ميزبان ملڪن کانسواءِ 2024ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جون ٽاپ ست ٽيمون آسٽريليا، بنگلاديش، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا، افغانستان ۽ ويسٽ انڊيز سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪيو آهي.
پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ آئرلينڊ پنهنجي رينڪنگ جي بنياد تي ورلڊڪپ ۾ جاءِ حاصل ڪئي .
ان کانسواءِ، ڪئناڊا، نيڌرلينڊز، اٽلي، ناميبيا، زمبابوي، نيپال، عمان ۽ گڏيل عرب امارتن جي ٽيمون ريجنل ڪواليفائرز وسيلي ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.