ڌرتي ڌڻي سنڌ جو ورهاڱو هرگز قبول نه ڪندا\عوامي تحريڪ

کورواھ (رپورٽ:شاھجھان خاصخيلي) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جو کورواھ ۽ ٻين علائقن جو دورو، مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون، سنڌ کي ٽُڪرا ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيمن، ڪينالن ۽ معدني وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن، قبيلائي دھشتگردي، ڪارو ڪاري، عورتن جي قتلن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ رٿيل مارچ جي حوالي سان سجاڳي مهم شروع، عوامي تحريڪ مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ضلعي صدر مھراڻ درس، مختيار بڪاري، جاکرو نوحاڻي، سچل ھاليپوٽو، ھميرو مل بدين ضلعي جي ڪڙيو گھنور، راھوڪي، جاکرو نوحاڻي،کورواھ، ڳوٺ موسي درس  ڳوٺن جو دورو ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون، صحافين سان ڳالهائيندي لال جروار چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي تي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، 16 نومبر تي سنڌ جون ھزارين عورتون، مرد ٻار ۽ ٻڍا حيدرآباد ۾ گڏ ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن مارچ ڪندا، سموري پاڪستان ۾ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي رشوت عيوض لکين غيرقانوني غيرملڪين کي آباد ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ افغاني آباد ڪيا ويا آهن، بدين ضلعي جي انتظاميه افغانين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي، پيپلز پارٽي سرڪار سنڌي مزدورن کي جهوپڙي اڏڻ لاءِ پلاٽ جو ٽڪرو نٿي ڏئي پر افغانين لاءِ سرڪاري سطح تي ڪالونيون ۽ ڳوٺ آباد ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.