آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو نالو استعمال ڪري رشوت وٺندڙ 5 آفيسر گرفتار

اسلام آباد(منصور علي خان+عدنان حسين)ملٽري انٽليجنس جو نالو استعمال ڪري نالي واري يوٽيوبر ڊڪي ڀائي کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا رشوت وٺندڙ نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي جا 5 آفيسر کنڀجي ويا،واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اين سي سي آءِ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عثمان کي کنڀيو ويو جنهن جي گهرواري ڪوئيٽا مان پنهنجي مڙس جي کنڀجڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي،جنهن بعد روزينا خان به کنڀجي وئي هئي،ذريعن انڪشاف ڪيو ته ڊجيٽل فراڊ جي سلسلي ۾ اين سي سي آءِ جا آفيسر جڏهن ڪارروائي ڪندا هئا ته جوابدار ڌر وٽ اهو تاثر ڇڏيندا هئا ته انهن سان گڏ آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽليجنس(ايم آءِ) جا ماڻهو به گڏ آهن،جنهن بعد اهي جوابدارن کان لکين،ڪروڙين رپيا رشوت وٺي کين ڇڏي ڏيندا هئا،ٻڌايو پيو وڃي ته اين سي سي آءِ ۾ اهڙي قسم جا فراڊ ڪندڙ آفيسرن جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ سرگرم هو،ڊڪي ڀائي واري ڪيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر عثمان ۽ شعيب رياض جاچ آفيسر هئا،شعيب رياض ڊڪي ڀائي جي وڪيل ذريعي سندس خاندان کي اهو پيغام موڪليو ته جيڪڏهن ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن ته جوا وارين ايپس جي پروموشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊڪي ڀائي جي مشڪلات گهٽ ٿي سگهي ٿي،ڊڪي ڀائي جي خاندان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏئي ڇڏيا پر يوٽيوبر پوءِ به آزاد نه ٿيو،ڏيڍ مهينو اڳ اين سي سي آءِ جي ڊائريڪٽر سرفراز چوڌري کي به ان ڪيس جي سلسلي ۾ هٽايو ويو هو،گرفتارڪيلن ۾ انسپيڪٽر عرفان به شامل آهي جيڪو ڪال سينٽرن تي ڇاپا هڻي منٿليون مقرر ڪندو هو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.