رينجرز اهلڪار جو قتل: سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم ڪارڪن عبيد ڪي ٽو کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياقت آباد جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن عبيد عرف ڪي ٽو جي 27 سال اڳ رينجرز اهلڪار کي شهيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا خلاف اپيل منظور ڪري ورتي.
عدالت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ان ڪيس جو ٻه ڀيرا اڳ ٽرائل ٿي چڪو آهي، فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿيو هو، ايم ڪيو ايم مرڪز نائين زيرو تان گرفتار سمورا جوابدار جيل مان آزاد ٿي چڪا آهن، رڳو عبيد ڪي ٽو جيل ۾ آهي، هو 2015 کان گرفتار آهي.
پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، اي ٽي سي قانون موجب سزا ٻڌائي، جوابدار بريت جو حقدار ناهي.
پوليس موجب 1998 ۾ اهلڪار رينجرز پڪٽ تي موجود جوانن کي کاڌو ڏيڻ وڃي رهيا هئا ته جوابدارن لياقت آباد جي علائقي ۾ انهن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ سپاهي دلدار حسين شهيد ۽ حوالدار ممتاز علي زخمي ٿي پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.