حڪومت 4500 رپيا في مڻ اگهه نه ڏنو ته ڪڻڪ نه پوکينداسين: پاڪستان هاري اتحاد

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاري اتحاد جي چيئرمين خالد حسين ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن حڪومت 4500 رپيا في مڻ اگهه نه ڏنو ته ڪڻڪ نه پوکينداسين.
پنهنجي بيان ۾ خالد حسين چيو ته وزيراعظم ڪڻڪ 3500 رپيا في مڻ خريدڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو ريٽ لاڳت کان گهٽ آهي، لاڳت 4 کان ساڍا 4 هزار في مڻ تائين پهچي چڪي آهي، حڪومت هارين سان مشاورت بنا فيصلا ڪري رهي آهي، جيڪي اسان جي مفاد ۾ ناهن.
هن چيو ته هاري پنهنجي محنت جو جائزو معاوضو گهرندو آهي خيرات نه، ٻوڏ سبب اڳ ئي هاري ڪمزور ٿي ويو آهي، هاڻ ريٽ گهٽ ڏئي وڌيڪ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪڻڪ جي قيمت 350 رپيا في مڻ ڏني پئي وڃي ۽ کنڊ 175 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، تنهن ڪري ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 600 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، ڪپهه جو اگهه به نقصان پهچائي رهيو آهي، 12000 رپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.