اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي چرچ تي ڪابل ۾ حڪومت جي تبديلي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته مان سخت لفظ استعمال نٿو ڪرڻ چاهيان پر اهو سراسر فضول آهي، اسان کي افغانستان جي معاملن ۾ مداخلت جي ڪا ضرورت ناهي، گذريل 4، 5 ڏهاڪن ۾ اسان گهڻو ڪجهه ڀوڳي چڪا آهيون، هاڻ رڳو هڪ مهذب پاڙيسري جيان رهڻ چاهيون ٿا.
هن اهو خيال به رد ڪيو ته آمريڪا طالبان حڪومت خلاف ڪنهن قسم جي سازش ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان کي ڀارت يا ڪهن ٻئي ملڪ سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو حق آهي، اسان کي ان تي اعتراض ناهي جيستائين اهي لاڳاپا اسان جي سلامتي لاءِ خطرو نه هجن.
خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته ڪابل حڪومت چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ٽي ٽي پي انهن جي سرزمين تان ڪم ڪري رهي آهي ۽ غير رسمي طور هو ان جو اعتراف به ڪن ٿا، ماضي ۾ اهي انهن ويڙهاڪن کي سرحد کان پري منتقل ڪرڻ جي ڳالهه به ڪري چڪا آهن.
هن چيو افغان پناهگير ڪيترن ئي سالن تائين اسان جا مهمان رهيا، هاڻ هو واپس وڃي رهيا آهن ته انهن لاءِ دعاڳو آهيون ته انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي نصيب ٿئي.
You might also like