بي لغام اسرائيل جنگبندي معاهدي تان ڦري ويو، غزا ۾ نوان حملا، فلسطينين لاءِ امن خواب بڻيل

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بارود جي بوءِ پکڙجي وئي، اسرائيلي فوج جي نون حملن سان نه رڳو تباهي ۽ خوف جي لهر ڇانيل آهي پر اها جنگبندي به خطري ۾ پئجي وئي آهي، جيڪا آمريڪا جي ٽياڪڙي سان عمل ۾ آئي هئي.
اسرائيلي فوج غزا تي نئون حملو ڪري ڇڏيو، جنهن سان جنگبندي خطري ۾ پئجي وئي ۽ بي لغام اسرائيل طرفان معاهدي جي ڀڃڪڙي جا خدشا درست ثابت ٿيا.
اسرائيلي ميڊيا پنهنجي فوج جي جارحيت کي ”جوابي ڪارروائي“ قرار ڏنو آهي پر ثبوتن جي کوٽ ۽ زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو بيان ڪن ٿيون.
اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته فوج رفح جي علائقي ۾ فضائي ڪارروائيون ان وقت شروع ڪيون، جڏهن اتي ويڙهاڪن اسرائيلي فوج تي حملو ڪيو پر رپورٽ ۾ ڪي ثبوت پيش نه ڪيا ويا.
اسرائيلي حڪومت جي ترجمان کان انهن حملن جي تصديق بابت پڇيو ويو ته هن معاملو فوج حوالي ڪري ڇڏيو پر فوج طرفان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڏکڻ غزا جي علائقي رفح ۽ خان يونس ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته اباسن جي اوڀر علائقي ۾ اسرائيلي ٽينڪن جي گولاباري جا اطلاع وصول ٿيا.
خان يونس جي رهواسين ٻڌايو ته آچر تي ٻي پهري مهل اسرائيلي فضائيا رفح تي ڪيترائي فضائي حملا ڪيا.
مقامي صحت کاتي موجب آچر ڏينهن اتر غزا جي علائقي جباليا ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ ٻه فلسطيني شهيد ٿي ويا.
هوڏانهن حماس جي سينيئر اڳواڻ عزت الرشق چيو ته اسان معاهدي تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ اسرائيل ان جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
غزا جي سرڪاري ميڊيا آفيس موجب اسرائيل جنگبندي کانپوءِ هيل تائين 47 ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، جن ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا ۽ 143 زخمي ٿيا، انهن ڀڃڪڙين ۾ شهرين تي سڌي ريت فائرنگ، گولاباري ۽ گرفتارين جا واقعا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.