ٽيسٽ چيمپيئن خلاف سيريز کٽڻ جو بهترين موقعو آهي: اظهر محمود

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته الله بهترين موقعو ڏنو آهي ته اسان بهترين ٽيم خلاف سيريز کٽيون.
راولپنڊي ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر محمود چيو ته ٽيسٽ چيمپيئن ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کٽڻ سان مورال بلند ٿيندو، گذريل ميچ جي وڪيٽ آئيڊيل هئي، اسان بهترين شروعات ڪئي، ڇوڪرا پرجوش آهن.
هن چيو ته اسان ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي، هر ميچ کي فائنل سمجهي کيڏي رهيا آهيون، پليئنگ اليون بابت حتمي فيصلو سڀاڻي پچ ڏسڻ کانپوءِ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.