اڀرندڙ اداڪارا زوها توقير چيو آهي ته مان شادي لاءِ اهڙي شخص جي چونڊ ڪنديس، جيڪو ساهه کڻڻ جي اجازت ڏئي، مطلب آزادي ڏئي.
زوها توقير تازو هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ تجربن بابت کليل نموني ڳالهايو.
سندس چوڻ هو ته مان گهڻي هوشيار ناهيان، ماڻهو آساني سان بي وقوف بڻائي ڇڏيندا آهن.
شادي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته في الحال ان بابت ناهي سوچيو، ڪم ۽ پڙهائي تي ڌيان آهي، شادي لاءِ اهڙي شخص جي چونڊ ڪنديس، جيڪو جيو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصول تي عمل ڪري، پاڻ به ساهه کڻي ۽ ٻين کي ساهه کڻڻ ڏئي، مطلب آزادي ڏئي.
زوها توقير چيو ته شادي لاءِ ذهني هم آهنگي ضروري آهي، جيڪڏهن مرد وڌيڪ بالادستي ڏيکاريندو ته ان سان تعلق نٿي رکي سگهان.
You might also like