ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي مئل ڪڪڙين جي گوشت جي سپلاءِ جو انڪشاف ٿيو آهي.
شهر جي هوٽلن، فاسٽ فوڊز ۽ برياني سينٽرن تي مئل ڪڪڙين جو گوشت سپلاءِ ڪيو ويندو هو.
اختيارين موجب گلبرگ پوليس موسيٰ ڪالوني ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڪارروائي ڪندي 80 ڪلو گوشت برآمد ڪيو ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.
پوليس طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر جي متن موجب اطلاع مليو ته هڪ گودام ۾ مئل ڪڪڙين جو گوشت موجود آهي، جوابدار گوشت جي پهچ جي تياري ڪري رهيا هئا، جنهن تي پوليس فوري طور سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کي اطلاع ڪيو ۽ ڪارروائي ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار مئل ڪڪڙين جو گوشت فوڊ سينٽرن، برياني سينٽرن ۽ هوٽلن کي ڏيندا هئا، کانئن وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
You might also like