واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي جنگ ختم ڪرائڻ مون لاءِ صفا سولو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون کي جنگيون روڪرائڻ پسند آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ڇڪتاڻ کان آگاهه آهيان ۽ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ روڪرائڻ منهنجي لاءِ صفا سولو آهي.
گفتگو دوران هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ – ڀارت جنگبندي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف مون کي چيو ته مان جنگ ختم ڪرائي لکين جانيون بچايون.
You might also like