ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪارساز سانحو دهشتگردي جو تمام وڏو واقعو هو، بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش هئي.
شاهراهه فيصل تي ڪارساز سانحي جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي واقعا ٿيا پر 18 آڪٽوبر ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگردي جو واقعو هو، بينظير ڀٽو دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، هوءَ هڪ اميد کڻي پاڪستان آئي هئي، حملي باوجود هوءَ نه ڊني ۽ جدوجهد جاري رکيائين.
هن چيو ته پ پ اڄ به بي بي جي مشن کي اڳتي کڻي هلي رهي آهي، اسان پنهنجي قائدن جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي منصوبن تي وفاق کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي لاءِ ڪم ڪيو وڃي ته اسان خوش ٿينداسين، جيڪي به ترقياتي ڪم آهن اهي 18هين ترميم موجب ٿيڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي وڏي ڪاميابي آهي، صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون، غزا جي معاملي تي اميد ته آهي پر خدشا به موجود آهن.
You might also like