لاهور (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي سيريز تان هٿ کڻڻ واري اعلان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان نومبر ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي سيريز ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي موجب، ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي شيڊيول موجب ئي ٿيندي.
پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽِين ٽيم جي آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ تياريون جاري آهن، ان سلسلي ۾ فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۾ ٽرائي سيريز ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ 17 نومبر کان 29 نومبر تائين شيڊيول ٿيل آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شامل آهن.
You might also like