سنڌ ۾ افغانين خلاف وٺ پڪڙ تيز، مختلف هنڌن تي ڪارروايون

ڪراچي/خانپورمهر/ڪوٽڙي/جاتي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ افغان بستي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري رکيو ويو. افغان بستي ۾ 1500 کان وڌيڪ گهر غيرقانوني طور تي ٺاهيا ويا هئا جن مان گذريل ڏينهن ڪارروائي دوران 200 گهر ڊاٿا ويا. پوليس موجب، مافيا طرفان سندن گهرن تي  غيرقانوني قبضو ڪيو ويو هو. آپريسن ۾ پوليس، رينجرز، ايم ڊي اي ۽ ٻيا ادارا حصو وٺي رهيا آهن. ڄامشورو ضلعي جي ڪوٽڙي سائيٽ واري افغان بستي ۾ پوليس وڏي پيماني تي سرچ آپريشن ڪري ٽي شڪي گرفتار ڪيا آهن. آپريشن دوران فنگر پرنٽ ويريفڪيشن ٽيم به شامل ڪئي وئي ۽ علائقو عارضي طور سيل ڪري تفصيلي چڪاس ڪئي وئي. خانپورمهر ۾ مبينا افغاني پٺاڻن جي آمد بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران نوٽيس ورتو. پوليس ڊي آءِ بي انچارج سان گڏ علائقن ۾ پهچي پٺاڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا. ترجمان موجب، جاچ ۾ معلوم ٿيو ته پٺاڻ افغاني نه پر پاڪستاني شهري آهن، جيڪي ڪم ڪار سانگي آيل هئا. سندن ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري افغاني ڄاڻائي غلط تاثر ڏنو ويو. وفاقي حڪومت پاران افغانين جي نيڪالي جي اعلان بعد آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي سجاول ضلعي ۾ افغانين خلاف ڪاروائيون تيز ڪيون ويون آهن. ڊي ايس پي جاتي سيد محبوب شاهه ۽ ايس ايڇ اوز جي اڳواڻي ۾ افغاني ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.