هڪ آءِ فون برطانوي تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري ٿيل موبائل فونز جي سمگلنگ جو راز فاش ڪري ڇڏيو، پوليس پيشيور ڏوهارين جي گرووهه جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان گروهه گذريل هڪ سال دوران برطانيا کان چين تائين لکين پائونڊ ماليت جون 40 هزار سمارٽ فونز سمگل ڪيون.
ميٽروپوليٽن پوليس موجب اها هيل تائين جي سڀ کان وڏي ڪارروائي آهي، جيڪي فونن جي چوري خلاف ڪيون ويون، جنهن ۾ 18 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ چوري ٿيل فونز برآمد ٿيون، جن ۾ اڪثريت جديد ترين آءِ فونز جي هئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو گروهه وڏي پيماني تي فونز جي سمگلنگ ڪندو هو، جن مان رڳو هڪ جديد ترين آءِ فون جي قيمت 3 هزار 700 يورو تائين ٿي سگهي ٿي.
پوليس جو اندازو آهي ته اهو گروهه لنڊن مان چوري ٿيندڙ گهٽ ۾ گهٽ اڌ موبائل فونز کي سمگل ڪرڻ جو ذميوار آهي.
اها ڪارروائي ان وقت شروع ٿي، جڏهن هڪ شهري پنهنجي چوري ٿيل آءِ فون اليڪٽرانڪ طريقي سان ٽريس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ فون جو سگنل هيٿرو ايئرپورٽ ڀرسان هڪ گودام ۾ مليو.
سيڪيورٽي عملي جڏهن ڳولا ڪئي ته اها فون هڪ دٻي ۾ 894 ٻين فونز سان گڏ رکيل هئي، اهي سموريون فونز چوري ٿيل نڪتيون ۽ انهن کي هانگ ڪانگ موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي روڊ تي ناڪو لڳائي گرفتار ڪري ورتو، انهن جي گاڏي مان به ڪيتريون ئي فونز هٿ آيون، جيڪي ايلومينيم فوائل ۾ ويڙهيل هيون ته جيئن انهن جا سگنل بلاڪ ٿي سگهن.
گرفتار جوابدارن مان هڪ جو واسطو ڀارت ۽ ٻئي جو افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي.
وڌيڪ ڪارروائين ۾ 16 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ اڪثر عورتون شامل آهن، جن مان هڪ بلغاريا سان واسطو رکي ٿي.
پوليس جوابدارن جي نشاندهي تي ڇاپن دوران وڌيڪ 30 ڊوائسز ضبط ڪري ورتون ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like