بيجگن (ويب ڊيسڪ) چين چيو آهي ته اسان کي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تازين جهڙپن تي گهري ڳڻتي آهي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي شهرين ۽ خطي ۾ موجود سيڙپڪاري جي تحفظ کي يقيني بڻائين.
چين جي اولهه سرحد افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي سان ملي ٿي ۽ بيجنگ ڊگهي عرصي کان ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتائڻ کي گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسان پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۽ ترقي يافتا بڻائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اميد ته ٻئي ملڪ صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪندا ۽ هڪٻئي جي خدشن جو ڳالهين ذريعي مناسب حل ڪڍندا ته جيئن تڪرار نه وڌي.
You might also like