غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي نشاندهي ۾ مدد ڪئي وڃي: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي واپس موڪليو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن.
پنهنجي بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته رياست جي غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين جي حوالي سان پاليسي واضح آهي، ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين لاءِ ڪا جاءِ ناهي، رياستي پاليسي تي مڪمل طور عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي.
هن عوام کي اپيل ڪئي ته غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي نشاندهي ۾ حڪومت جي مدد ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.