اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايٿليڪٽس فيڊريشن آف پاڪستان (اي ايف پي) اولمپيئن ارشد نديم جي ڪوچ سلمان اقبال بٽ تي تاحيات پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پڌرائيءَ موجب پابندي پنجاب ايٿليڪٽس ايسوسيئيشن جون غير قانوني چونڊون ڪرائڻ تي لڳائي وئي، جڏهن ته پنجاب ايٿليڪٽس ايسوسيئيشن جون چونڊون به ڪالعدم قرار ڏنيون ويون.
ايٿليڪٽس فيڊريشن آف پاڪستان موجب پنجاب ايٿليڪٽس جون چونڊون اي ايف پي جي آئين موجب نه هيون، اي ايف پي چونڊن جو جائزو وٺڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي هئي، سلمان اقبال بٽ انڪوائري ڪميٽي سامهون پيش نه ٿيو.
پڌرائيءَ موجب ڪميٽي آئين جي ڀڃڪڙي ۽ غير قانوني سرگرمين تي سزا جي سفارش ڪئي، سلمان اقبال بٽ ڪنهن قسم جي ايٿليڪٽس سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
فيڊريشن لاڳاپيل يونٽس ۽ ادارن کي به پابندي جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like