ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مرحلي وار 500 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون وينديون.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز گرين ٽرانسپورٽ منصوبي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 500 اليڪٽرڪ بسون مرحلي وار متعارف ڪرايون وينديون ۽ اهو فليگ شپ منصوبو هوندو، جنهن سان شهرين کي پرسڪون ۽ گهٽ لاڳت واري سفر جي سهولت ملندي ۽ ان سان هوائي گدلاڻ به گهٽجندو.
هن چيو ته منصوبي ۾ جديد بس ڊپو، چارجنگ اسٽيشنز، پاڻمرادو مسواڙ جي وصولي ۽ سمارٽ مانيٽرنگ سسٽم به شامل هوندا، ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ايليويٽڊ ايڪسپريس وي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي آهي، جيڪو بندرگاهه کان ڳرين گاڏين لاءِ مخصوص رستو فراهم ڪندو.
سندس چوڻ هو ته 16.5 ڪلو ميٽر ڊگهو اهو فريٽ ايڪسپريس وي پورٽ کي تاج حيدر انٽرچينج سان جوڙيندو، جنهن سان روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ بندرگاهه جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.