گنداپور جي استعيفيٰ بابت سومر تي فيصلو ڪندس، تيستائين هو ڪي پي جو وڏو وزير رهندو: گورنر

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته استعيفيٰ منظور ٿيڻ تائين علي امين وڏو وزير رهندو.
پنهنجي بيان ۾ گورنر جو چوڻ هو ته علي امين جو استعيفيٰ ملي وئي آهي ۽ سومر تي آفيس کُلڻ تي ان بابت فيصلو ڪندس.
هن چيو ته استعيفيٰ منظور ٿيڻ تائين علي امين وڏو وزير رهندو.
گورنر ڪي پي جو چوڻ هو ته استعيفيٰ ملڻ جي رسيد به ڏئي چڪو آهيان، استعيفيٰ علي امين جي هٿ اکرن سان لکيل آهي ۽ قانوني ٽيم ان جو جائزو وٺي رهي آهي.
هن جو چوڻ هو ته ڊي آءِ خان ۾ علي امين سان ملاقات جو ڪو ارادو ناهي.
ياد رهي ته علي امين گنڊاپور وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ سندس جاءِ تي عمران خان سهيل آفريدي کي خيبر پختونخوا جو وزير اعليٰ نامزد ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.