لڳي ٿو ڀارت وري ڪو ايڊونچر ڪندو، هن واري دشمن کي پهريان کان سخت جواب ڏينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارتي قيادت جا بيان اشارو ڪن ٿا ته هو وري ڪو ”ايڊوينچر“ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ڀارت پنهنجي خواري ۽ وڃايل ساک جي بحالي لاءِ اِهو قدم کڻندو.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪندي خواجه آصف چيو ته افغانستان سان لاڳاپا اڳ به ٺيڪ نه هئا ۽ هاڻي وڌيڪ بگڙي رهيا آهن.
هن چيو ته افغانستان پاڪستان ۾ دهشتگردي ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي، اهڙي ماحول ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿيو، جيڪو اسان جي خواهش ناهي، سٺي پاڙيسري وانگر لاڳاپا هئڻ گهرجن جيڪي وقار تي ٻڌل هجن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي انهن علائقن ۾ جتي دهشتگرد پناهه وٺندا آهن، رهواسين کي خبر هوندي آهي، پاڙي ۾ جيڪڏهن ٻاهران ڪو ايندو ته مون کي ٽئين ڏينهن پتو پئجي ويندو، جيڪڏهن انهن علائقن جا ماڻهو خاموش رهيا ته اها نيم رضامندي سمجهِي ويندي، پاڪستان جي محب وطن شهرين جو نقصان ٿيڻ نه ڏينداسين.
خواجه آصف چيو ته ڀارت جا بيان ثبوت آهن ته هو وري ڪو ايڊوينچر ڪندو، ڀارت پنهنجي خواري ۽ وڃايل ساک جي بحالي لاءِ اَهڙو قدم کڻندو، پر ڀارت کي اڳ کان وڌيڪ منهن توڙ جواب ڏنو ويندو.
هن چيو ته ڀارت ۾ جيڪا خوش فهمي يا غلط فهمي هئي اها ڪڍي وئي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جنگ جي ميدان تي مات کائيندڙ ڀارتي فوجي قيادت ۽ بچاءُ وارو وزير هڪ دفعو وري پاڪستان خلاف گدڙ ڀڀڪيون ڏنيون هيون.
ڀارتي آرمي چيف جنرل اوپندر دويدي چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان دنيا جي نقشي تي رهڻ چاهي ٿو ته دهشتگردي جي حمايت بند ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.