پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور جو استعيفيٰ وصول ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
خيبر پختونخوا گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي اڄ علي امين گنڊاپور جو استعيفيٰ ملي وئي آهي، جيڪا وڏي وزير جي اينٽي ڪرپشن بابت خاص مددگار بريگيڊيئر (ر) مصدق عباسي گورنر هائوس کڻي آيو.
مصدق عباسي علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ گورنر هائوس جي ڪيئر ٽيڪر حوالي ڪئي، جنهن استعيفيٰ وصول ڪري رسيد به ڏني، جڏهن ته استعيفيٰ جي وصولي واري رسيد تي اڍائي وڳي جو وقت لکيل آهي.
You might also like