ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملير ندي ۾ ڪورنگي ڪاز وي جي ويجهو سون جا ذرڙا ڳولڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو کوٽائي جو سامان کڻي پهچي ويا.
ڪورنگي ڪاز وي جي ويجهو شهري وڏي انگ کوٽائي جو سامان کڻي پهتا، جتي هنن کڏا کوٽي سون جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
ان حوالي سان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن.
وائرل وڊيوز ۾ ڪورنگي ڪاز وي جي ويجهو عورتن ۽ ٻارن سميت ماڻهن جو وڏو انگ مختلف هنڌن تي سون جا ذرڙا ڳولڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن.
You might also like