فيض حميد جو ڪورٽ مارشل، لاڳاپن کي ذاتي ۽ سياسي بڻائڻ تي فيض حميد جو ڪورٽ مارشل، پڇاڻو ضرور ٿيندو!

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوهان چيو آهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ (انٽر سروسز انٽيليجنس) فيض حميد هن وقت ٽرائل جي عمل مان گذري رهيو آهي.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج ۾ پاڻ احتسابي جو عمل الزام تي  نه پر حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي. فوج جو رياست سان لاڳاپو سرڪاري هوندو آهي، ذاتي يا سياسي نه هوندو. جيڪڏهن ڪو شخص ان لاڳاپي کي ذاتي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو عمل غلط آهي. فيصلا رياست ڪندي آهي، اسان صرف پنهنجي راءِ يا ان پٽ ڏيندا آهيون، اسان ڪنهن جي سياست نٿا هلائيون. هن چيو ته فيض حميد جو ٽرائل ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪورٽ مارشل به ٿي رهيو آهي. فوج ۾ هڪ پاڻ احتسابي جو نظام موجود آهي، جنهن تي الزام لڳندو آهي، ان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو ويندو آهي. اسان کي ڪنهن به دير بابت ڪا پريشاني ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو هڪ اهم ڪارڻ اها به آهي ته جيڪڏهن اوهان لاڳاپن کي ذاتي يا سياسي بڻائيندا ته پوءِ جوابدهي ضرور ٿيندي. مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي سياست ۾ نه گھليو، اوهان جي سياست اوهان کي مبارڪ، اسان لاءِ سڀ سياسي جماعتون قابلِ احترام آهن.9 مئي بابت ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ هو ته اسان جو موقف واضح آهي: اهو رڳو پاڪ فوج جو ڪيس ناهي، پر سڄي قوم جو ڪيس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.