نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر منوج تيواري چيو آهي ته نئون هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير، ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ ٻين سينيئر رانديگرن کي رٽائر ٿيڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.
منوج تيواري هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ڀارتي ٽيم جي انتظاميا جي تازن فيصلا ۾ سينيئر رانديگرن سان خراب ورتاءُ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇو ڇڏي ؟ هن اڳواٽ ئي انگلينڊ سيريز لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي هئي، پر ماحول کيس اهو احساس ڏياريو ته ٽيم کي هاڻي هن جي ضرورت ناهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪنهن رانديگر کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ٽيم کي هاڻي ان جي ضرورت نه آهي ۽ نه ئي ان جي عزت ڪئي پئي وڃي ته اهڙو رانديگر ڪڏهن به پنهنجو ڪيريئر جاري نٿو رکي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته روهت شرما به جلد رٽائرمنٽ تي غور ڪري سگهي ٿو.
منوج تيواري شُڀمَن گِل جي ڪپتان طور ترقيءَ واري وقت تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته هو واضح نموني چاهين ٿا ته هڙني فارميٽن ۾ هڪ ئي ڪپتان هجي، پر سوال اِهو آهي ته هاڻي ڇو؟ جڏهن روهت شرما ٽيم جي سٺي رهنمائي ڪري رهيو هو؟
اڳوڻي ڪرڪيٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ويرات ۽ روهت ٻنهي ڀارتي ڪرڪيٽ کي جنهن بُلنديءَ تي رسايو آهي، ان کانپوءِ ساڻن اهڙو ورتاءُ ڪرڻ سندن بي عزتي ڪرڻ جي برابر آهي.
”گمڀير، ڪوهلي ۽ روهت کي رٽائر ٿيڻ تي مجبور ڪيو، هن کي سينيئر نٿا وڻن“ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
You might also like