سون سستو، چاندي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون کانپوءِ چانديءَ جو اگهه به تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان صرافا جيولرز اينڊ ايسوسيئيشن موجب، في تولو 4578 رپيا سستو بعد 4 لک 20 هزار 600 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 3924 رپيا لاٿ 3 لک 60 هزار 597 رپيا ٿي وئي آهي.
جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 44 ڊالر گهٽجڻ بعد 3995 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي ملڪ ۾ چاندي به مهانگي ٿيڻ لڳي ۽ چانديءَ جو تولو 34 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5100 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام چاندي 29 رپيا 42 پئسا اضافي سان 4372.42 رپين جي ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جي قيمت 50.13 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.