تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل، فلسطين جي مقبول سياسي اڳواڻ مروان البرغوثي جو نالو غزا جنگبندي معاهدي تحت آزاد ٿيندڙ ماڻهن جي فهرست مان خارج ڪري ڇڏيو.
فلسطيني سياسي جماعت فتح موومينٽ جي اڳواڻ ۽ مشهور ليڊر مروان البرغوثي سال 2003ع کان اسرائيلي قيد ۾ آهي، پر 22 سال جيل ۾ بند رهڻ باوجود به هو اڄ به اولهه ڪناري ۽ غزا ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻن منجهان هڪ آهي.
غزا جنگبندي معاهدي تحت حماس جيڪي نالا اسرائيلي اختيارين کي آزادي لاءِ ڏنا هئا، انهن ۾ امڪاني طور مروان البرغوثي جو نالو پڻ شامل هئڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وئي، ۽ اهو به امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته البرغوثي مستقبل ۾ فلسطين اٿارٽي جي نئين حڪومت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، اسرائيلي اختيارين البرغوثي جو نالو غزا جنگبندي ڊيل تحت آزاد ٿيندڙ ماڻهن جي فهرست مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته البرغوثي جو نالو آزادي ماڻيندڙ فلسطيني قيدين جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.
جنگبندي معاهدو:اسرائيل جو 22 ورهين کان قيد فلسطيني اڳواڻ جي آزادي کان انڪار، قيدي ڪير آهي؟
You might also like