لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي وائرس پکڙجڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي.
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي وائرس پکڙجڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته وائرس جي شروعات ڪٿان ٿي، جڏهن ته اسڪريننگ به جاري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي، جڏهن ته ايڇ پي وي ويڪسين بابت ڳالهائيندڙ بنا سائنسي تحقيق جي تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like