ميرپور ماٿيلو/ سکر (نمائندن وٽان) ميرپور ماٿيلي جي شھيد صحافي طفيل رند ۽ سندس ڀائٽي جو قتل ڪيس ٻن نامعلوم ماڻھن سميت 8 جوابدارن خلاف ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي چاچي نادر حيدراڻي جي فرياد تي داخل وارثن طرفان پوليس تي بي اعتمادي جو اظهار تفصيل موجب ٻه ڏينهن اڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويل ميرپور ماٿيلي جي صحافي طفيل رند ۽ سندس ڀائٽي ريحانا عرف چاندني جو قتل ڪيس چاچي نادر حيدراڻي جي فرياد تي ٻن نامعلوم جوابدارن سميت 8 جوابدارن خلاف ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته شھيد صحافي طفيل رند ڳوٺ پير بخش حيدراڻي مان حيدراڻي مان ٻارڙن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو وڃي رھيو ھو ته ھڪ ڪار ٻن ون ٽو فائيو موٽر سائيڪلن تي سوار جوابدارن حفيظ سبحان الياس عرفان خليل حيدراڻي سميت 8 جوابدارن گاڏي روڪي ڪلاشنڪوف ۽ پسٽلن جا فائر ڪري طفيل رند کي شھيد ڪري ڇڏيو ۽ موٽر سائيڪل تي گڏ سوار ڀائٽي پڻ شديد ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، شھيد جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس ڏوھارين جي سھولتڪاري ۾ ملوث آهي جنھن سبب قتل ڪيس ۾ اسان جي سخت دانھن ڪوڪن باوجود دھشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا ويا آهن، ھنن چيو ته ڪجھ مھينا اڳ اسان جي نوجوان عبدالقيوم حيدراڻي کي پڻ جوابدارن شھيد ڪري ڇڏيو ھيو جنھن بعد شھيد طفيل رند جي درخواست تي آءِ جي سنڌ ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪرائي ھئي جيڪا ڪجھ مھينا اڳ سياسي سفارشن تي مقرر ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو اڳوڻي ايس ايس پي گھوٽڪي سميع الله سومرو کي غلط بريف ڪري ختم ڪرايو هو، ٻئي پاسي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ صوبائي وزير سان ملاقات ڪئي ، سنڌ سرڪار طرفان شهيد صحافين طفيل رند ۽ امتياز مير جي وارثن لاءِ 20-20 لک رُپين جي مالي امداد جو اعلان، گڏوگڏ قاتلن جي فوري گرفتاري جي به خاطري ڪرائي وئي، صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت آزاديءَ صحافت جي تحفظ ۽ صحافين لاءِ محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، صحافي طفيل رند ۽ امتياز مير جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا.
امتياز مير ۽ طفيل رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا
ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ميرپور ماٿيلي ۾ ٻارن آڏو شهيد ڪيل طفيل رند ۽ سندس ڀائٽي جي موت خلاف ۽ ڪراچي ۾ شهيد ڪيل امتياز مير جي قاتلن جي گرفتار لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهيد صحافي طفيل رند ۽ شهيد صحافي امتياز مير جي قتل خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي شهيد صحافي طفيل رند ۽ شهيد صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد سميت ريجن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ صحافين طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته مرڪزي احتجاج حيدرآباد پريس ڪلب کان ريڊيو پاڪستان چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪيو ويو. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايف اي سي جي ميمبر اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر صدر محمد وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ايڇ يو جي جام فريد لاکو ۽ ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته ٻن هفتن دوران سنڌ ۾ ٻن صحافين جو قتل فڪر جوڳو معاملو آهي، ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ ٿي ويا آهن، ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد صحافي طفيل رند ۽ ڪراچي ۾ شهيد صحافي امتياز مير کي سرعام گوليون هنيون ويون، پر حڪومت اڃا تائين انهن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، موري ۾ شهيد صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل خلاف پريس ڪلب جي صحافين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جتي صدر نواب اصغر ڪورائي، سومر خان سولنگي، محمد بخش عالماڻي، منظور لغاري، اسحاق ڪورائي، لطف الله عباسي، بشير لغاري، خدا بخش ميمڻ، جاني مورائي ۽ ٻين خطاب ڪيو، خيرپور صحافي اتحاد جي سڏ تي شھيد صحافي طفيل رند ، امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھڱورجا ۾ پريس ڪلب آڏو صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ، شمن راڄپر، محمد صديق سولنگي ، حاڪم علي سھتو ، سجاد علي آرائين، حق نواز سولنگي،. معشوق علي جھانگر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڪوٽڏيجي ۾ ميرپورماٿيلو ۾ معصوم ٻارڙن آڏو بيدردي سان قتل ٿيل صحافي طفيل رند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نيشنل پريس ڪلب ڪوٽڏيجي ٻاهريان صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران شاهد حاجاڻو، دوست علي لاشاري، ثناءُ الله بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، جروار ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ صحافين طرفان طفيل رند ۽ امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا ڪيا ويا.