ايئن اتحاد ناهن هلندا:آصف علي زرداري جو حڪومتي وفد سان ناراضگي جو اظهار

اسلام آباد/لاهور/نوابشاهه (امداد سومرو) سياسي ڇڪتاڻ بعد آصف علي زرداري جي مداخلت تي وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ عارضي سيز فائر طئي ٿي ويو آهي، جيڪو 18 آڪٽوبر تائين برقرار رهندو. ذريعن موجب آصف زرداري، ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ کان ٻاهر هو واپسي تي سڌو نوابشاهه پهتو جتي وفاقي ٽيم ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ صدر زرداري سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي رويي سان اتحاد ناهن هلندا. ذريعن موجب آصف علي زرداري شريف ڀائرن کي پيغام ڏنو ته جيڪڏهن اتحاد اهڙي طريقي سان هلائڻو آهي ته پوءِ پيپلزپارٽي لاءِ گڏ رهڻ ڏکيو هوندو. ان ملاقات کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف پاڻ بلاول ڀٽو کي فون ڪري سياسي  ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. آصف علي زرداري جي شڪايت هئي ته پنجاب حڪومت پيپلزپارٽي جي قيادت کي عزت نٿي ڏئي، بلاول ڀٽو کي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کان روڪيو ويو ۽ پنجاب ۾ کيس سياسي سرگرمين جي اجازت به نٿي ڏني وڃي. هاڻي بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر تي پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت سان لاڳاپن ۽ پنجاب ۾ پارٽي جي ڪردار بابت اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي. پنجاب وارا پارٽي اڳواڻ تجويز ڏيندا ته پيپلزپارٽي کي پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي بئنچز ڇڏڻ گهرجن ۽ اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن سياسي ڇڪتاڻ برقرار رهي ته پيپلزپارٽي مستقبل ۾ مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ختم ڪرڻ تي به غور ڪري سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 10 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.