پشاور(م ڊ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور چيو آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن عمران خان به چون ته به هو اهو فيصلو واپس نه وٺندو. پي ٽي آءِ ڪي پي جي صوبائي پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران، جيڪو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، علي امين گنڊاپور خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جو فيصلو انهن لاءِ حرف آخر آهي، ۽ هو ان کي مڪمل طور قبول ڪري ٿو. علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي پارٽي اڳ وانگر اڄ به متحد آهي، سڀني پارلياماني ميمبرن باني پي ٽي آءِ جي فيصلي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.