رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾منشيات سمگلنگ جي ڏوهه ۾ هڪ پاڪستاني پناهگير موت جي سزا ڏني وئي.
سعودي گهرو کاتي موجب، مڪي مڪرمه ريجن ۾ عدالتي فيصلو لاڳو ڪيو ويو.
گهرو کاتي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهاري کي لاڳاپيل عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي ۽ سپريم ڪورٽ به اها سزا برقرار رکي، جنهن کان پوءِ سندس سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو.
سعودي گهرو کاتي موجب، دمام ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هڪ سعودي شهري کي به موت جي سزا ڏني وئي.
سعودي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ڏوهاري سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملن، جج جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث هو، جڏهن ته هو تيل جون پائپ لائينون اُڏائڻ ۽ ڌماڪيدار مواد ٺاهڻ ۾ به شامل هو.
You might also like