ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي جارح مزاج بيٽر رِنڪو سنگهه کي مبينا طور هڪ گينگ طرفان ڀتو ۽ موتمار ڌمڪيون مليون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ممبئي ڪرائم برانچ ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن تي الزام آهي ته انهن رِنڪو سنگهه کان پنج ڪروڙ ڀارتي رپين جي ڀتي جو مطالبو ڪيو هو.
جاچ موجب، هن سال فيبروري کان اپريل جي وچ ڌاران رِنڪو جي پروموشنل ٽيم کي ٽي ڀيرا ڀتي جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن موجب، هڪ جوابدار پاڻ کي ”ڊي ڪمپني“ جو ڪارڪن ظاهر ڪندي رِنڪو سنگهه جي ايونٽ مينيجر کي هڪ اي ميل موڪلي، جنهن ۾ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب، جوابدار کي ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوباگو مان گرفتار ڪري ڀارت آندو ويو.
واضح رهي ته رِنڪو ڀارت طرفان پنهنجو انٽرنيشنل ڊيبيو 18 آگسٽ 2023ع تي آئرلينڊ خلاف ميچ سان ڪيو هو، جڏهن ته هو هنيئر تائين ٻن ون ڊي ۽ 34 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
You might also like