عالمي سعودي فالڪنز اينڊ هنٽنگ ايگزيبيشن 2025 ۾ تاريخ جو سڀ کان مهانگو منگوليائي باز 6 لک 50 هزار سعودي ريال (تقريبن 4 ڪروڙ 87 لک رپين) ۾ نيلام ٿيو.
سعودي پريس ايجنسي موجب نيلامي ۾ بالغ ”حُر قرباس“ باز جي ٻولي هڪ لک ريال کان شروع ٿي، جيڪا سخت مقابلي کانپوءِ 6 لک 50 هزار ريال تائين پهتي.
ان نيلامي ۾ هڪ نوجوان ”حر فرخ“ باز به هڪ لک 28 هزار ريالن ۾ وڪرو ٿيو.
نمائش ۾ پهريون ڀيرو منگوليائي بازن لاءِ خاص زون قائم ڪيو ويو آهي، جتي اوڀر ايشيا خاص طور منگوليا مان آندل اعليٰ نسل جا باز نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا آهن.
اهي باز پنهنجي جسماني مضبوطي، ڊگهن پرن، تيز اڏام ۽ سخت موسمي حالتن ۾ برداشت جي سگهه سبب شوقينن ۾ تمام گهڻا مقبول آهن.
You might also like