صحت جي نظام لاءِ سنگين خطرو، پاڪستان جا اڌ کان وڌيڪ ڊاڪٽر ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان جا 50 کان 60 سيڪڙو ڊاڪٽر تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ٻاهر وڃي رهيا آهن.
اجلاس ۾ سينيٽر انوشا رحمان ٻڌايو ته پاڪستاني ڊاڪٽرن جو وڏو انگ ملڪ ۾ خدمتون ڏيڻ بدران ٻاهرئين ملڪن ۾ روزگار کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ڊاڪٽر آئرلينڊ وڃي رهيا آهن، جتي کين 5 هزار يورو ماهوار پگهار ملندي آهي.
هن چيو ته ڊاڪٽرن جي هجرت ملڪي صحت جي نظام لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي ۽ ان سان سرڪاري اسپتالن ۾ عملي جي سخت کوٽ پيدا ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.