پشاور (ويب ڊيسڪ) مالاڪنڊ جي علائقي بٽ خيله ۾ ٽڪ ٽاڪ تي ڇوڪرو بڻجي وڊيوز ٺاهيندڙ ڇوڪريءَ کي سندس ماءُ جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب ماءُ شڪايت داخل ڪرائي هئي ته ڌيءُ سوشل ميڊيا تي ڇوڪرو بڻجي وڊيوز اپ لوڊ ڪندي آهي، جنهن سان خاندان ۽ معاشري تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
ماءُ موقف اختيار ڪيو ته مسلسل سمجهائڻ باوجود ڌيءُ نه پئي مڙي، جنهن تي مجبور ٿي ٿاڻي پهتيس.
ليوي فورس ڪارروائي ڪندي ڇوڪريءَ کي حراست ۾ وٺي ڪوٽ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جتان شروعاتي جاچ کانپوءِ ان کي جيل موڪليو ويو.
پوءِ ماءُ جي ايلازن، اڳتي سوشل ميڊيا استعمال نه ڪرڻ جي خاطري ۽ لکت معاهدي کانپوءِ ليوي اختيارين ڇوڪريءَ کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ڇوڪريءَ تسليم ڪيو ته هوءَ رڳو اهو تفريح لاءِ ڪندي هئي، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو ارادو نه هو.
You might also like