راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪ – ڀارت جنگ ۾ ڀارت پاڪستان جو ڪو جهاز نه ڪيرايو، جڏهن ته ڀارت جا 7 جهاز تباهه ٿيا.
پرڏيهي رسالي بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جي حڪمت عملي اثرائتي، ڪارائتي پليٽ فارمز ۽ پاڪستاني ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ رهي آهي، اسان هر قسم جي ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، ڀلي مقامي هجي يا اوڀر يا اولهه جي هجي.
هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي ۽ نه پاڪستان ڪڏهن انگ اکر ۽ حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي دفاعي بجيٽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ آهي ۽ اسان وٽ لامحدود وسيلا ناهن.
سندس چوڻ هو ته معرڪه حق ۾ ڀارت اسان جو ڪو جهاز نه ڪيرائي سگهيو، جڏهن ته تباهه ٿيل ڀارتي جهازن جو انگ 7 آهي ۽ هي اهو ئي انگ آهي، جنهن جو ذڪر آمريڪي صدر گذريل هفتي پنهنجي تقرير ۾ ڪيو.
تازي جنگ ۾ ڀارت جا 7 جهاز تباهه ٿيا، جنهن جو ذڪر آمريڪي صدر به ڪيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر
You might also like