فيض حميد ڪيس ۾ نئون موڙ، عمران خان ۽ قمر جاويد باجوا کي شاهد طور سڏائڻ جي تياري؟

اسلام آباد (فخر دراني/اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي پراسيڪيوشن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ڊفينس شاهدي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. 30 سيپٽمبر تائين پراسيڪيوشن جا سڀ گواهه پيش ٿي چڪا آهن ۽ دفاع طرفان ڪراس ايگزيمنشن مڪمل ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ عدالت ۾ دفاع جي شاهدن جي فهرست پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پڻ شامل آهن. ذريعن موجب، فيض حميد ٻنهي اڳوڻن باسن کي شاهد طور گهرايو آهي، ڇو ته آءِ ايس آءِ سڌي ريت وزيراعظم جي ماتحت ڪم ڪندي آهي. فهرست ۾ ڪجهه حاضر سروس آفيسرن، اڳوڻن فوجي آفيسرن ۽ سياستدانن جا نالا پڻ شامل آهن، جن ۾ اندازي مطابق اڳوڻي ملٽري سيڪريٽري وسيم چيما، اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان، اڳوڻي ڊي جي آءِ بي سلمان، ۽ ڊي جي سي عرفان ملڪ جا نالا به ٿي سگهن ٿا. ذريعن موجب اهڙا نالا آهن جن جو تصور نٿو ڪري سگهجي ته ٿي سگهي ٿو ان ۾ ملڪ رياض جو نالو به هجي. ذريعن موجب دفاع طرفان اهڙن شاهدن کي شامل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اهي گواهي ڏين ته فيض حميد بيگناهه آهي، پر عدالت کي درخواست ڏني وئي ته گواهي کان اڳ فيض حميد کي انهن سان ملاقات ڪرائي وڃي، جنهن تي اڃا اڳڀرائي ناهي ٿي. ذريعن موجب فيض حميد وٽ پنهنجي اڳوڻن باسن ۽ ٻين بابت حساس ڄاڻ موجود آهي، ۽ هو پنهنجي رازن کي تحفظ طور استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي. دفاع جي حڪمت عملي اها لڳي ٿي ته جيڪڏهن ڪورٽ انڪار ڪري ٿي ته هو سويلين عدالتن ۾ ويندا ته اسان کي شفاف ٽرائل ناهي مليو. استدعا ۾ فيض حميد سان ملاقات ڪرائڻ جو جواز هو اهو ٻڌائين ٿا ته اسان کي شاهدن جو لاڳاپو ڏسڻو آهي ۽ قائل ڪرڻو آهي ته هو گواهي ڇو ڏين. 9 مئي جي ڪيس ۾ به فيض حميد آهي، هن وقت اهو ٽرائل ناهي ٿي رهيو پر اهو ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جو معاملو آهي. مقصد اهو آهي ته هو پنهنجي باسز بابت ڄاڻ کي استعمال ڪرڻ جو اشارو ڏيڻ چاهي ٿو، ته اوهان هينئن نه ڪيو ته راز ڏئي ڇڏيندس. هاڻي ڪورٽ ٻڌائيندي ته ڪهڙا ڪهڙا شاهد پيش ڪري سگهجن ٿا. هن وقت تائين جنرل فيض حميد يا سندس ٽيم طرفان ڪنهن به شاهد سان رابطو ناهي ڪيو ويو. ذريعن موجب جيڪڏهن قمر جاويد باجوا کي گهرايو ويو ته هو انڪار نٿو ڪري سگهي، ٿي سگهي ٿو ته هو هليو وڃي. مسئلو اهو ٿيندو ته ڇا عمران خان کي اجازت ملندي يا نه ملندي يا ملاقات ڪرائي ويندي يا نه ڪرائي ويندي. ڇا ادارو پنهنجي اڳوڻي آرمي چيف کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندو؟ پر ائين ٿيندي نظر نٿو اچي. ائين ٿيندو ناهي ته اهڙن شاهدن جا نالا ڏجن جيڪي اچڻ نه چاهيندا هجن. ٿي سگهي ٿو ته اهو شرط نه مڃيو وڃي. ائين نٿو لڳي ته ٿيندو.  امڪان آهي ته جيڪڏهن قمر جاويد باجوا کي گهرايو ويو ته هو پيش ٿيڻ کان انڪار نه ڪندو، جيتوڻيڪ عمران خان پيش ٿيڻ چاهي ته پيش ٿي سگهي ٿو پر ٽيڪنيڪلي ائين نه ٿيندو. ائين لڳي ٿو ته ڪيس ڊگهو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.